اخلاقي قدر

اخلاقي قدر

اخلاقي قدر

اخلاقي قدر (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو لکيل ٻاراڻي ادب لاءِ مضمونن جو گلدستو آهي، جيڪو محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 72 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 110 روپيا آهي. هيءُ مختصر ڪتاب نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد طرفان ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ ۽ فروغ لاءِ اخبار ۾ ڏنل هڪ اشتهار جي بنياد تي انعامي مقابلي لاءِ موڪليو ويو جتان ليکڪا کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو. هن ڪتاب ۾ پيش لفظ ۽ ماهراڻي راءِ ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ طرفان لکيل آهي. هن ڪتاب کي نه فقط شاگردن پر استادن ۽ والدين جي لاءِ به اهم قرار ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ جن موضوعن تي مختصر مضمون آهن انهن ۾ دوستي، حُسن اخلاق، سادگي، سچ، امن، اميد، علم، ڪتاب، روحانيت ۽ ٻيا موضوع شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو